اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي کانسواءِ ممڪن نه آهي، بلوچستان نه رڳو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي پر ان جي اصل طاقت هتان جي باصلاحيت افرادي ق??ت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يا?? موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي وزيراعليٰ هائوس پهچڻ تي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. نگران وزيراعظم سان بلوچستان جي نگران وڏي وزير علي مردان ڊومڪي ملاق??ت ڪئي. ملاقات ۾ وڏي وزير وزيراعظم کي بلوچستان جي انتظامي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم بلوچستان جي انتظامي معاملن، ترقياتي منصوبن ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي کانسواءِ ممڪن نه آهي، بلوچستان نه رڳو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي پر ان جي اصل طاقت هتان جي باصلاحيت افرادي ق??ت آهي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.