اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسرائيل پاران سنگين جنگي ڏوهن ??ي ارتڪاب تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ا??رائيل هڪ اسپتال تي حملو ڪري سڀني عالمي ۽ ا??لامي اصولن کي پائمال ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي غزه ۾ اسپتال تي و??شياڻي اسرائيلي فضائي حملي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن ??ي مارجي وڃڻ جي و??قعي جي مذمت ڪئي. صدر جو اسرائيلي فضائي حملي جي نتيجي ۾ معصوم جانين جي نقصان تي پنهنجي شديد افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته ا??رائيل شهري آبادين ۽ صحت جي سهولتن کي بنا فرق جي نشانو بڻائي رهيو آهي، عالمي برادري اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ??ي جوابده بڻائي ۽ ا??رائيلي بمباري ۽ غزه جي جاري گهيراءُ کي فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻي.