اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ ??اڪ??تاني سفارتخاني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا 76 سال ??ڪمل ٿيڻ تي ڪشمير جي حوالي سان ڪارو ڏينهن ??لهائڻ جي حوالي سان هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو. تقريب دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جا خصوصي پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. جن ۾ ڪشمير ڪاز جي لاءِ ??اڪ??تان جي مسلسل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي ڳانڍاپي ۽ حمايت کي اجاگر ڪيو ويو. ان موقعي تي چين جي ناليواري اسڪالر ۽ ڏ??ڻ ايشيا جي ماهر ڪيان فينگ به خطاب ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي هيڊ آف مشن بلال ??حمود چوڌري چيو ته ??اڪ??تان انهن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي جن گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني قبضي تحت تمام گهڻو ظلم برداشت ڪيو آهي. هن ڪشميري عوام جي منصفاڻي مقصد جي لاءِ ??اڪ??تان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ڀارت ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي فوري ط??ر تي بند ڪيو وڃي. بلال ??حمود چوڌري عالمي برادري کان به مطالبو ڪيو ته اها ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل جي لاءِ پنهنجو صحيح ڪردار ادا ڪري. سفارتخاني ان موقعي تي هڪ تصويري نمائش جو به اهتمام ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني ط??ر تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ڏوهن کي ڏيکاريو ويو. ياد رهي ته 76 سال اڳ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت بنا ڪنهن ??انوني جواز جي ڄمون ۽ ڪشمير جي رياست تي زبردستي قبضو ڪيو هو، ان کانپوءِ ڀارت ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب انهن جي خودمختياري واري حق کان مسلسل انڪار ڪري رهيو آهي.