اسلام ??باد – 09 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ننڍي کنڊ جي عظيم مفڪر، فلسفي، سياسي اڳواڻ ۽ شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي سياسي جلا بخشي، ا??هن جي اندر تحريڪ پيدا ڪئي، ا??هن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو ۽ پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري اقبال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڄ جي ڏي??هن اسان سڀ ننڍي کنڊ جي عظيم مفڪر، فلسفي، شاعر ۽ سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر علامه ماقبال کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، اڄ جي ڏي??هن پوري قوم مفڪر پاڪستان علامه اقبال جي علمي، فڪري ۽ سياسي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿي. هن چيو ته علامه اقبال جي شآعري نه رڳو اردو زبان جي تاريخ ۾ هڪ روشن باب جي حيثيت رکي ٿي پر هن پنهنجي ڪلام ??ي ذريعي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي سياسي جلا بخشي ۽ ا??هن جي اندر تحريڪ پيدا ڪئي، علامه اقبال ا??هن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو ۽ پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو. سندس چوڻ هو ته علامه اقبال پنهنجي شاعري ۽ خطبن جي مدد سان قوم جي رهنمائي ڪئي ۽ ا??هن جي اندر سياسي شعور بيدار ڪيو، ان مقصد جي لاءِ هن نوجوانن کي پنهنجي شاعري جو موضوع بڻايو ۽ ا??هن کي پنهنجي اندر خودي جو جذبو ۽ عقابي روح بيدار ڪرڻ جو سبق ڏنو. صدر چيو ته علامه اقبا?? چاهيندو هو ته ننڍي کنڊ جا مسلمان خاص طور تي نوجوان خودي جي فلسفي کي اختيار ڪندي پنهنجي اندر خوداعتمادي پيدا ڪن ۽ اهي صفتون پيدا ڪن جن سان اهي پنهنجي قوم جي تقدير بدلائي سگهن، هو تعليم جي شعبي ۾ پنهنجي قوم جي ترقي جو خواهشمند هو، نه رڳو جديد علم حاصل ڪرڻ جو وڏو حامي هو پر هن قوم جي نوجوانن کي قرآن حڪيم سان رشتو ڳنڍڻ جو پڻ درس ڏنو. هن چيو ته ڪلام ??قبال اسان کي اهو پيغام ڏي ٿو ته شجاعت، دانائي، اعليٰ ڪردار، بهترين اخلاق، عزت نفس، دورانديشي ۽ خوداعتمادي ئي اهي اعليٰ ترين انساني صفتون آهن جيڪي نه رڳو هڪ شخص پر قوم کي به نئين زندگي عطا ڪن ٿيون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته علامه اقبال جو خودي جو فلسفو انقلابي حيثيت رکندڙ آهي، هن پنهنجي شاعري ۾ مسلمانن کي اميد جو پيغام ڏنو ۽ ا??هن جي اندر هڪ نئون جذبو ۽ نئين سوچ پيدا ڪئي. هن چيو ته علامه اقبال نه رڳو مسلمان امت کي پنهنجي اندر اتحاد، اتفاق ۽ يڪجهتي پيدا ڪرڻ جو پيغام ڏنو پر قوم کي درپيش وڏن چئلينجز جي نشاندهي پڻ ڪئي، ان جو پيغام ??المي حيثيت رکندڙ آهي ۽ اسان کي اڄ به مسلمان امت ۽ پاڪستان کي درپيش موجوده چئلينجز کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ اقبال جي خودي جي فلسفي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته اقبال ڏهاڙو اسان کي نه رڳو پيغام ??قبال کان آگاهي حاصل ڪرڻ پر ان کي انفرادي ۽ قومي سطح تي اختيار ڪرڻ جي پڻ ياد ڏياري ٿو، اڄ جي ڏي??هن اسان نه رڳو علامه اقبال کي ان جي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا پر ان جي پيغام ??ي عمل ڪرڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا. اچو عزم ڪريون ته اسان علامه اقبال جي خيالن ۽ فڪر کي پنهنجي لاءِ مشعل راهه بڻائيندي پاڪستان کي هڪ جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪنداسين.