ڪوئيٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ اڄ اڱاري ڏينهن ڪوئيٽا جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم پاڪستان ٽيل??وي??ن ڪوئيٽا جي پهرين هزارگي زبان جي پ??وگ??ام جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪندو. بعد ۾ نگران وزيراعظم بلوچستان ۾ پرائيم منسٽر اسڪل ڊيولپمينٽ پ??وگ??ام جو افتتاح ڪندو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم بلوچستان جي يونيورسٽين جي شاگردن سان ڳالهه ٻو??هه پڻ ڪندو.