اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ م??جب صدر ووٽ وجهڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجو پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ نمائندا چونڊڻ جي لاءِ توهان جي ووٽ جي ذريعي توهان جي راءِ گهري آهي، ووٽ وجهڻ توهان جي اسلامي، آئيني ?? شهري ذميواري آهي، آئُون پنهنجي خاندان سان گڏ پنهنجي پولنگ اسٽيشن پهتس، لائين ۾ بيٺا??ين ۽ ووٽ ڏنو. توهان سڀني کي به درخواست آهي ته ٻاهر نڪرو ۽ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪريو. اڄ پاڪستان کي توهان جي راءِ جي جيتري ضروري آهي ايتري اڳ ۾ ڪڏهن به نه هئي.