اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي عملدارن پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪ ٻي سياس?? پارٽي ڄمون ۽ ڪشمير ني??نل فرنٽ کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي فيصلي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ??يو ته ان فيصلي کانپوءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني قرار ڏني ويندڙ ڪشميري سياس?? پارٽين جو انگ 9 ٿي ويو آهي جن جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي پڻ ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ترجمان ??يو ته ڄمون ۽ ڪشمير ني??نل فرنٽ جو چيئرمين نعيم احمد خان 2017ع کان ڀارتي جيل ۾ بند آهي. هن ??يو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اها جابراڻا قدم عالمي انساني حقن جي مڪمل خلاف ورزي ڪندي اختلاف راءِ ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي دٻائڻ جي ڀارت جي مڪروهه ارادن جي عڪاسي ڪن ٿا. ترجمان ??يو ته ڀارت ڪشمير?? پارٽين تان پابنديون فوري طور تي هٽائي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي فوري عملدرآمد ڪري. هن ??يو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.