اسلام آباد – 29 – فيبروري (اي پي پي) ??طل??عات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ٽيليويزن 2024ع جي چونڊن جي ڪوريج دوران غيرجانبداري جو خيال رکيو، پي ٽي وي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته هو ٻين چينلز جي لاءِ ??ول ماڊل آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ٽيليويزن هيڊڪوارٽرز ۾ چونڊن جي مسلسل ڪوريج سان واڳيل ملازمن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ??طل??عات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته عام چونڊن جي ڏينهن رات مسلسل نشريات پاڪستان ٽيليويزن جي سمورن شعبن جي اڻٿڪ محنت سان ممڪن ٿي آهي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. ??طل??عات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيليويزن جي پروفيشنلز غيرجانبداري جو خيال رکيو جيڪا شاندار ڪوريج جي پيشيواراڻي معيار ۽ اميدن تي پورو لهي ٿي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ??طل??عات واري وفاقي سي??ريٽري شاهيره شاهد چيو ته وڏي پئماني تي غيرمعمولي ڪوريج کي بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ ايم ڊي پي ٽي وي سميت سمورن ملازمن ۽ شعبن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر توقير شاهه چيو ته پاڪستان ٽيليويزن جي ملازمن عام چونڊن دوران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. پرائيويٽ ميڊيا ۾ پڻ ان حوالي سان پي ٽي وي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو. هن چيو ته هن تقريب جو مقصد ملازمن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. واضح رهي ته ملڪي تاريخ جي 12 هين عام چونڊن جو مرحلو ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهچي ويو آهي، 12 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ ووٽرز جي لاءِ چونڊن ۾ پولنگ جي عمل کان وٺي نتيجن تائين سمورن مرحلن جي بنا رڪاوٽ ڪوريج ۽ لائيو رپورٽنگ کي پي ٽي وي بهتر طريقي سان نڀايو. ان حوالي سان پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ ??طل??عات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي ۽ مختل?? پروفيشنلز ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا. تقريب جي آخر ۾ پاڪستان ٽيليويزن انتظاميا پاران ??طل??عات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، ??طل??عات واري وفاقي سي??ريٽري شاهيره شاهد ۽ ايم ڊي پي ٽي وي مبشر توقير شاهه کي شيلڊز پيش ڪيون ويون.