ر??اض – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ر??اض جي رائل ايئرپورٽ ٽرمينل تي سعودي عرب جي اعليٰ عملدارن، پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير ۽ ٻئي سفارتي ع??لي وزيراعظم م??مد شهباز شريف کي رخصت ڪيو. عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي وزيراعظم سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده م??مد بن سلمان آل سعود، ڪويت جي ام??ر شيخ مشعل الا??مد الجابر الصباح، ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم، سعودي وزيرن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم جو اهو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن جي حوالي سان پڻ انتهائي اهميت رکندڙ هو.