اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻاهرئين سي??پڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ چيني ڪمپني ايم سي سي ٽونگسن ريسورسز پاڪستان ۾ معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ پنهنجي سي??پڪاري ??ڌا??ڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي ڪمپني ايم سي سي ٽونگسن ريسورسز جي وفد چيئرمين وانگ جائي چينگ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، راڻا تنوير حسين، ڄام ڪمال خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چيني ڪمپني پاڪستان ۾ معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ پنهنجي سي??پڪاري ??ڌا??ڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو، جيڪو وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ٻاهرئين سي??پڪارن جي اعتماد جو مظهر آهي. ڪمپني پاڪستان ۾ منرل پارڪ ٺاهڻ جي حوالي سان وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ وڌيڪ سي??پڪاري جي منصوبي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چ??ني ڪمپني جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئين سي??پڪاري جي اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چ??و ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست ۽ ترقي ۾ اهم حصيدار آهي. چين پاڪستان جي هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي جنهن تي مون سميت پوري قوم چ??ني قيادت ۽ چيني عوام جي ٿورائتي آهي. وزيراعظم چ??ني ڪمپني کي پاڪستان ۾ معدنيات جي شعبي ۾ کاڻين جي کوٽائي کان وٺي برآمدي شين جي تياري جي لاءِ سي??پڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان جي برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ معدنيات ڪڍڻ، ان جي پراسيسنگ ۽ ان جي مصنوعات کي برآمد ڪرڻ جي لاءِ سي??پڪاري کي مڪمل سهولت ڏني ويندي. وزيراعظم لاڳاپيل وفاقي وزيرن ۽ آفيسرن کي چيني ڪمپني سان مشاورت جي هدايت ڪئي. وزيراعظم مشاورتي عمل ۾ بلوچستان جي وڏي وزير ۽ صوبي جي لاڳاپيل ادارن ۽ ڌرين کي شامل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.