ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??اڪستان ۽ گڏيل عرب امار??ت جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري ج?? تعاون کي اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي ۽ دائره ڪار کي وڌائڻ ۽ ان کي وسيع ڪرڻ جا امڪان ڳولڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ گڏيل عرب امار??ت جي ڪاروباري اڳواڻن کي دعوت ڏني آهي ته اهي پاڪستان ۾ خاص طور تي توانائي، انفراسٽرڪچر، سياحت ۽ آءِ ٽي ج?? شعبن ۾ سيرپڪاري ج?? بي پناهه موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ابوظهبي ??يمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ج?? وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت چيمبر آف ڪامرس جي چيئرمين عبدالله محمد المزروعي ڪئي. وفد سان ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم گڏيل عرب امار??ت جي اقتصادي ترقي ۾ چيمبر جي ڪردار کي ساراهيو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امار??ت جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري ج?? تعاون جو ذڪر ڪندي وزيراعظم واپار جي ڪاٿي ۽ دائره ڪار کي وڌائڻ ۽ ان کي وسيع ڪرڻ جا امڪان ڳولڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گڏيل عرب امار??ت جي ڪاروباري اڳواڻن کي دعوت ڏني ته اهي پاڪستان ۾ خاص طور تي توانائي، انفراسٽرڪچر، سياحت ۽ آءِ ٽي ج?? شعبن ۾ سيرپڪاري ج?? بي پناهه موقعن مان فائدو کڻن. ابوظهبي ??يمبر آف ڪامرس جي ميمبرن پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي.