بيجنگ ?? 05 ??? جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي سرڪاري دوري جي ٻئي م??حلي ۾ چيني گادي واري شهر بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ ڪيپيٽل انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ۽ بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن وزيراع??م جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ٻيا وفاقي وزير به وزيراعظم سان گڏ آهن. بيجنگ ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم چيني صدر، وزيراعظم ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سان جدا جدا ملاقات ڪندو. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ڪيترين ئي مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ٿيندي??ن. ??زيراع??م جون چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي منصوبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن سان ملاقاتون پڻ ٿينديون.