اسلام آباد– 10 – ??ون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ کي سياحت جي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ان جو پاڪستان ۾ تعليم، صحت، توانائي، ز??اع??، سياحت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عوامي ڀلائي جي لاءِ منصوبا قائم ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي، هنزه ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي اهتمام هيٺ سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ ۽ شمسي توانائي جي پلانٽس جو قيام انتهائي ساراهه جوڳو آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان آغا خان فنڊ فار اڪنامڪ ڊيولپمينٽ جي ايگزيڪي??ٽو ڪميٽي جي چيئرپرسن شهزاده رحيم آغا خان پنج رڪني وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وزي??اع??م پرنس رحيم آغا خان کي پاڪستان حڪومت پاران نشان پاڪستان ملڻ ت?? مبارڪباد ڏني. وزي??اع??م پاڪستان جي گهٽ ترقي يافته ۽ ڏورانهن علائقن خاص طور تي گلگت بلتستان ۽ چترال ۾ سماجي ڀلائي جا مختلف منصوبا قائم ڪرڻ تي پرنس رحيم آغا خان کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جو پاڪستان ۾ تعليم، صحت، توانائي، ز??اع??، سياحت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عوامي ڀلائي جي لاءِ منصوبا قائم ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. وزي??اع??م آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ کي سياحت جي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته هنزه ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي اهتمام هيٺ سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ ۽ شمسي توانائي جي پلانٽس جو قيام انتهائي ساراهه جوڳو آهي. وزي??اع??م آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي اهتمام هيٺ ??لگت ۾ حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي مائيڪرو فنانس بئنڪنگ مرڪز قائم ڪرڻ کي علائقي جي عوام جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏنو. وزي??اع??م آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ کي قابل تجديد توانائي جي منصوبن ۾ پاڪستان حڪومت سان حصيداري جي دعوت ڏني.