اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاق?? وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ريٽيلرز کي ٽيڪس جي دائري ۾ آڻڻ ضروري آهي ته جيئن ٻين طبقن تي ٽيڪس جو بار گهٽ ٿئي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اپريل ۾ رضاڪاراڻي رجسٽريشن تحت 75 واپارين رجسٽريشن ڪرائي هئي. مئي ۾ ايف بي آر 6 شهرن ۾ قدم کنيا جنهن ج?? نتيجي ۾ هن وقت تائين 31 هزار ريٽيلرز جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي. هي عمل جاري رهندو ۽ پهرين ج??لاءِ کان ريٽيلرز تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. ناڻي وار?? وزير چيو هن وقت 9 ٽريلين رپين ج?? ڪرنسي گردش هيٺ آهي، ڊجيٽائزيشن ذريعي معاملا درست ٿي سگهن ٿا. اسان ج?? ڪوشش آهي ته ڪيش ٽرانزڪشن کي گهٽ کان گهٽ ۽ ختم ڪيو وڃي. پوائنٽ آف سيل رجسٽريشن ج?? سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويندو.