اسلام آباد – 10 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل انٽيليجنس آپريشن ۾ جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري ب??ان موجب صدر آپريشن دوران هاءِ پروفائيل دهشتگرد سميت سماج دشمنن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ب??ادري ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم جوانن جي پٺيان بيٺل ??هي. صدر چيو ته دهشتگردي جو پاڙ کان خاتمو ڪيو ويندو. هن شهيدن جي درجن جي ب??ندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.