اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي و??ير محسن نقوي جي دائودي بوهري برادري جي سربراهه سيدنا مفضل سيف الدين سا?? ملاقات ??ئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. خميس ڏينهن برهاني محل ۾ گهرو و??ير سيدنا مفضل سيف الدين سا?? ملاقات ??ئي ۽ ان موقعي تي سندس صاحبزاده شاه زاده حسين برهان الدين به موجود هو. گهرو و??ير محسن نقوي پاڪستان اچڻ تي دائودي بوهري برادري جي سربراهه جي آجيان ڪندي چيو ته اوهان جي آمد اسان لاءِ فخر جوڳي آهي. اوهان سان عقيدت ۽ احترام سان رشتو آهي جيڪو هميشه قائم ۽ دائم رهندو. هن چيو ته دائودي بوهري برادري امن پسند، محبت ڪندڙ برادري آهي. سيدنا مفضل سيف الدين دائودي بوهري برادري بابت معاملن جي فوري حل تي گهرو و??ير جو ٿورو مڃيو ۽ خوبصورت ??ادر ۽ تبرڪ جو تحفو ڏنو.