راولپنڊي-29 جولاءِ (اي پي پي) گوادر ۾ نام نهاد ??لو?? راجي مچي جي آڙ ۾ سيڪيورٽي جي ڊيوٽي تي مقرر فورسز جي اهلڪارن تي حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو جوان شهيد جڏهن ته هڪ آفيسر سميت 16 جوان زخمي ٿي پيا، پاڪ فوج هجوم جي پرت??دد ڪاررواين کي ناقابل قبُول قرار ڏيندي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي عزم کي ورجايو. آءِ ايس پي آر موجب 29 جولاءِ تي نام نهاد ??لو?? راجي مچي جي آڙ ۾ هڪ پرت??دد هجوم گوادر ضلعي ۾ سيڪيورٽي تي موجود اهلڪارن تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي شبير ??لو??، عمر 30 سال رهندڙ سبي، شهيد ٿي ويو. ان کانسواءِ مظاهرو ڪندڙن جي بلاجواز حملن جي نتيجي ۾ هڪ آفيسر سميت 16 فوجي زخمي ٿيا آهن. ٻئي طرف سوشل ??يڊ??ا تي غير قانوني پرت??دد مارچ لاءِ همدردي ۽ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪندڙن طرفان ڪوڙيون تصويرون ۽ جعلي وڊيوز جو استعمال ڪندي ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز اشتعال انگيزي باوجود غير ضروري شهرين جي مارجڻ کان بچائڻ لاءِ انتهائي صبر جو مظاهرو ڪيو. هجوم جون پرُت??دد ڪارروايون ناقابل قبول آهن ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. سمورن شهرين کي اپيل ڪئي وڃي ٿي ته اهي پروپيگنڊا جو شڪار نه ٿين، پراسڪون ۽ پرامن رهن ۽ امن امان کي برقرار رکڻ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي ??لو??ستان جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.