اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان،جاپ??ن سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خو??هشمند آهي. موسمياتي تبديلي هڪ نهايت اهم عالمي مسئلو آهي، سمورن ملڪن ??ي گڏجي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي مملڪتي وزير توشيڪو آبي سان ملاقات ۾ ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خو??شيد عالم پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪ جاپان ٻه طرفن لاڳاپن خاص ڪري موسمياتي تبديلي، پارليماني رابطن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جا جاپ??ن سان پراڻا دوستي وارا لاڳاپا آهن. پاڪستان جاپ??ن سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خو??هشمند آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي نهايت اهم مسئلو آهي، سمورن ملڪن ??ي گڏجي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو.هن چيو ته پارلي??ما??ي سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻي سگهجي ٿو. سردار اياز صادق تعليم سميت ٻين شعبن ۾ جاپان جي تعريف ڪئي. جاپاني مملڪتي وزير چيو ته پاڪست??ن سان لاڳاپن کي اهميت ڏيون ٿا، هن سردار اياز صادق جي جاپان لاءِ خير سگالي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي خو??هش تي شڪريو ادا ڪندي پاڪست??ن سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي خو??هش جو اظهار ڪيو.