اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي خاتون اول ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر مح??د نواز شريف جي گهرواريءَ بيگم ڪلث??م نواز جي ڇهين ورسيءَ تي ??يس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڀيڻ ڪلث??م نواز جي لاڏاڻي جو ڏک اسان جو پورو خاندان نه ڪڏهن وسريو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن وساري سگهي ٿو. مادر جمهوريت ڪلث??م نواز جي ملڪ ۽ قوم ۽ جمهوريت جي لاءِ خدمتن کي خرا?? تحسين پيش ڪريون ٿا. ڪلث??م نواز بطور گهرواريءَ، ماءُ، ڀيڻ ۽ سياسي قائد، جرئت ۽ بهادري ۽ صبر ۽ استقامت جي نه وسارڻ جوڳي تاريخ لکي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر مح??د نواز شريف جي لاءِ هو هڪ فولادي ڍال هئي. آمريت جي خلاف سان قابل فخر ۽ يادگار تحريڪ سياسي تاريخ جو روشن باب آهي. اسلام، قرآن ۽ نبي اڪرم ﷺسان عقيدت ۽ محبت ڪلث??م نواز صاحبه جو سڄي زندگي جو معمول رهيو. هو اوڀرندي جي روايتن ۽ قدرن جو پيڪر هئي، وڏن جو احترام، ننڍن سان شفقت ۽ سدائين دانائيءَ جي ڳالهه ڪرڻ سندس شخصيت جو حصو هو. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سندس درجا بلند فرمائي.