اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي تي مخدوم ??اهر رشيد کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته مخدوم ??اهر رشيد پنهنجي تڪ جي عوام جي اميدن تي پورو لهندو، تڪ جي مسئلن جي حل ۽ عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏيندو. صدر چيو ته مخدوم ??اهر رشيد قومي اسيمبلي ۾ رحيم يار خان جي عوام جي ڀرپور نمائندگي ڪندو. صدر آصف علي زرداري مخدوم ??اهر رشيد کي چونڊڻ تي تڪ اين اي 171 جي عوام جا ٿورا پڻ ادا ڪيا.