اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پا??ستان ۾ سياحت جا وسيع موقعا موجود آهن جن کي ڪتب آڻي ملڪي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا کي به هٿي ڏئي سگهجي ٿي، سياحت نه رڳو معيشت کي هٿي وٺرائي ٿي پر مختلف ثقافتن وچ ۾ هم آهنگي ۽ سهڪار کي به مضبوطي ڏيڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. پا??ستان جو تاريخي، ثقافتي ورثو ۽ قدرتي حسن سڄي ملڪ جي سياحن لاءِ گهري دلچسپيءَ جو سبب آهي، سياحت جي ترقي سان نه صرف معيشت مستحڪم ٿيندي پر پا??ستان جي عالمي سطح تي مثبت سُڃاڻپ اجاگر ٿيندي، ثقافتي مٽاسٽا کي هٿي ملندي ۽ هڪ ب??تر ۽ پُرامن مستقبل لاءِ راهون هموار ٿينديون. اسپيڪر ا??ڙن خيالن جو اظهار سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو هر سال 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي انتظام هيٺ سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. اسپيڪر پا??ستان جي اسٽريٽجڪ اهميت تي روشني وجهندي چيو ته پا??ستان مذهبي ۽ ثقافتي سياحت جي حوالي سان هڪ مُک حيثيت رکندڙ ملڪ آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت مختلف مذهبن جي مڃيندڙن کي پا??ستان ۾ سندن تاريخي ۽ مذهبي ماڳن تي ب??تر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسپيڪر وڌيڪ چيو ته مختلف مذهبن جي زائرين لاءِ ويزا جي خدمتن کي آسان بڻايو پيو وڃي ۽ ان جي سفر کي آسان ۽ خوشگوار بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جيڪي مذهبي هم آهنگي ۽ بين المذاهب احترام لاءِ اسان جي وابستگي جو مظهر آهن. هن وادي ڪيلاش جي منفرد ثقافت ۽ گنڌارا تهذيب جي ورثي جو ذڪر به ڪيو جيڪو سڄي دنيا جي سياحن کي پنهنجي طرف مائل ڪري ٿو. اسپيڪر چيو ته حڪومت سياحت ذريعي بين المذاهب هم آهنگي، سماجي ۽ ثقافتي رڪاوٽن جي خاتمي ۽ خطي جي گڏيل ورثي جي تحفظ ۽ ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسپيڪر پا??ستان جي وڻندڙ قدرتي منظرن جو ذڪر ڪندي چيو ته پا??ستان جا اُتريان علائقا، حسين واديون، برف سان ڍڪيل پهاڙ، گليشيئرز، صاف پا??ي جا ذخيرا، وسيع ريگستان ۽ خوبصورت سامونڊي پٽي سياحن لاءِ جنت کان گهٽ ??اهي. اسپيڪر، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي سياحت کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان گڏجي ڀرپور ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اسپيڪر سياحت کي هٿي ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ان سان روزگار جي موقعن ۾ واڌ ٿيندي ۽ مقامي ماڻهن جي پائيدار ترقي ممڪن ٿيندي، پا??ستان جي ثقافتي ورثي کي هٿي ملندي ۽ ملڪي معيشت کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو.