اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پ??ڪس??ان چيو آهي ته هو بشام ويجهو ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي کانپوءِ چيني حڪومت سان رابطي ۾ آهي جنهن ۾ 5 چيني شهرين جي جانين جو زيان ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته اهڙي طرح جون ڪڌيون ڪارروايون هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پ??ڪس??ان جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏين ٿيون. ترجمان چيو ته پ??ڪس??ان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبو?? ڀاءُ آهن، اسان کي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته بشام دهشتگرد حملي جي منصوبابندي پاڪ چين دوستي جي دشمنن ??ئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان گڏجي اهڙي سمورين قوتن جي خلاف پوري عزم سان ڪارروائي ڪنداسين ۽ انهن کي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پ??ڪس??ان پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.