اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪرونا وائرس جي ڪري ملڪي معيشت تي امڪاني اثرن ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي قدمن جي ح??الي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪرونا وائرس جي ح??الي سان ??جم??عي ملڪي معاشي صورتحال جو جائزو، وبائي صورتحال جي نتيجي ۾ معيشت تي اثرن ۽ عوام خاص طو?? تي غريب ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي ان صورتحال ۾ حڪومت پاران رليف ڏيڻ جي ح??الي سان ممڪن آپشنز ۽ تجويزن تي تفصيلي غور ڪيو ويو.