اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي و??ئيس چيئرمين ۽ پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي پاڪست??ن ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي مطالبن کي رد ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم جا مطالبا غيرآئي??ي ۽ غيرجمهوري آهن، مطالبو قبول نه آهي، ڌمڪين سان ڳالهه نه ٿيندي، وزيراعظم استعيفيٰ نه ڏيندو ۽ نه ئي اسيمبلي تحليل ٿيندي، لاهور جي جلسي ۾ ڪا نئين ڳالهه نه هئي اهي ئي ڳالهيون هو گذريل جلسن ۾ ڪري چڪا آهن، پي ڊي ايم ۾ استعيفائن جي معاملي تي ابهام آهي، لانگ مارچ جي حوالي سان به پي ڊي ايم ۾ اتفاق نه آهي، بلاول کي چوان ٿو ته پٽ سياست ۾ دروازا بند ناهن ٿيندا توهان کي اڃا تربيت جي ضرورت آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيه?? وزير چيو ته 13 ڊسمبر کانپوءِ پي ڊي ايم ۾ افراتفري پکڙيل آهي ۽ ڪافي مايوسي جو شڪ??ر آهن.