اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته تبديلي جي رستي ۾ ”اسٽيٽس ڪو“ سان چنب??يل ماڻهو رڪاوٽ آهن، رشوت ۽ ڪرپشن وارا ملڪ ڪڏهن ترقي نه ٿا ڪري سگهن، ايندڙ گر??ين جي موسم تائين سمورين وزارتن کي اي گورننس تي آڻڻ جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي، ايف بي آر جي نظام کي جولاءِ تائين مڪمل ڊيجيٽلائيز ڪيو ويندو، جتي قيادت ڪرپٽ ٿي وڃي ته معاشري ۾ بدعنواني کي برائي نه ٿو سمجهيو وڃي، پاڪستان ۾ اشرافيه جي رهڻي ڪهڻي جو طريقيڪار ڏسي نه ٿو لڳي ته اهي غريب ملڪ جا شهري آهن. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي تحت اي بڊنگ، اي بلنگ ۽ جي آءِ ايس ميپنگ شروع ڪرڻ واري تقريب کي وزيراعظم عمران خان خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم تقريب کي خطاب ۾ اين ايڇ اي ۽ مواصلات واري وزارت کي خراج تحسين پيش ڪندي چي?? ته ملڪ ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهيو آهي ۽ اهو ئي نئون پاڪستان آهي، دنيا ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهي آهي، مستقبل انهي جو آهي، ان سان ش??اف??ت ايندي، جي آءِ ايس سان جديد ٽيڪنالاجي ذريعي مانيٽرنگ ٿي سگهندي.