اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان مي??سيڪو سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ و??ائڻ چاهي ٿو، حڪومت سمورن مل??ن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مي??سيڪو ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر امان رشيد سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدرعارف علوي چ??و ته نامزد سفير مي??سيڪو سان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت، سياحت ۽ تعليم سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري، پاڪستان مي??سيڪو سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ و??ائڻ چاهي ٿو، هن چ??و ته حڪومت سمورن مل??ن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، مي??سيڪو سان گڏيل واپار جي ڪاٿي ۾ اضافي جي ضرورت آهي.