اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان دنيا ۾ غربت ?? تنگدستي جي خاتمي ل??ءِ پنج نقاطي ايجنڊا پيش ڪندي چيو آهي ته پائيدار زرعي بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري، زرعي ۽ خوراڪ جي مصنوعات جي ل??ءِ مناسب ۽ منصفاڻي قيمتن کي يقيني بڻائڻ، خوراڪ جي پيداوار وڌائڻ جي ل??ءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ مهارتون اختيار ڪرڻ، زراعت ۽ صنعتي شعبن ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ خوراڪ جي کپت ۽ پيداوار جي طريقن تي نظرثاني جي ضرورت آه??، اسان کي مستقبل جي چئ??ينجز کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ منصوبابندي ڪرڻي پوندي، دنيا کي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ دوران مختلف چئ??ينجز درپيش آهن، يا ته اسان گڏ ختم ٿي وينداسين يا پوءِ گڏجي چئ??ينجز مان ڪامياب ٿي نڪرنداسين، آبادگارن کي ڪارپوريشنز جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي، پاڪستان ۾ زرعي شعبي جي ل??ءِ فنڊز ۾ ٽيڻ تي اضافو ڪيو ويو آهي، سي پيڪ ۾ زرعي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي ڪم کي پڻ شامل ڪيو آهي، پاڪستان جي حڪومت پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ کي پنهنجي ترجيح بڻايو آهي، ڪورونا وبا ۾ احساس پروگرام ذريعي مالي مشڪلاتن جي باوجود غريب خاندانن کي مالي معاونت فراهم ڪئي آه??، ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ 10 ارب وڻ لڳائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن زرعي ترقي بابت عالمي فنڊ جي گورننگ ڪائونسل جي اجلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته زراعت انساني بقاءَ جي ل??ءِ اهميت رکي ٿي، زرعي ترقي بابت عالمي فنڊ اسرندڙ ملڪن ۾ زرعي پيداوار وڌائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آه??، اڄ دنيا کي زرعي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، دنيا جي آبادي جلد ئي 8 ارب تائين پهچي ويندي جڏهن ته 60 ڪروڙ ماڻهو انتهائي غربت جو شڪار ٿي سگهن ٿا، 20 کان وڌيڪ ملڪن کي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو آهي، خوراڪ جي عالمي اداري ڪجهه غريب ترين ملڪن ۽ انتشار جو شڪار علائقن ۾ ڏڪار جي خطري کان خبردار ڪيو آهي. هن چيو ته دنيا کي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي جي شروعاتي ٻن هدفن غربت ?? تنگدسي جي خاتمي جي حوالي سان مختلف چئ??ينجز درپيش آهن، ان سلسلي ۾ مالي وسيلن ۽ سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي، واپاري مسئلا، پيداوار ۽ کپت جا غيرروايتي طريقا، زرعي زمين ۽ ٻيلن ۾ گهٽتائي، پاڻي جو بحران، حياتياتي تنوع جو نقصان ۽ آلوده درياءَ ۽ سمنڊ جهڙا مسئلا آهن. هن چيو ته اسان کي مستقبل جي پنهنجي ويزن ۾ انقلاب آڻڻ جي ضرورت آهي، ڪورونا وبا ۽ موسمياتي بحران جي حوالي سان امير هجي يا غريب، ڪمزور هجي يا طاقتور سڀني کي اهو پيغام وڃڻ گهرجي ته انهن جو مقدر پاڻ ۾ ڳنڍيل آه??، اسان يا ته گڏ ختم ٿي وينداسين يا پوءِ گڏجي ڪامياب ٿي چئ??ينجز مان نڪرنداسين. هن چيو ته علائقائي يا عالمي تسلط، غيرملڪي مداخلت ۽ قبضي جي سياسي فائدن ۽ ماڻهن تي ظلم ۽ ڏاڍ جي حوالي سان جاگرافيائي ۽ اسٽريٽجڪ رڪاو??ن جو تصور پري ناهي رهيو ۽ شيون جلد ئي اڻ لاڳاپيل نظر اينديون.