اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان آذربائيجان جي سفير پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي آ??ي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب آذربائيجان جي سفير علي آ??يزاده سينيٽ چيئرمين سان سندس پڦي جي لاڏاڻي تي افسوس ??و اظ??ار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي، ملاقات دوران ٻطرفي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ ڪورونا وبا جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به بحث ٿيو، سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپاري تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، معاشي تعاون سان ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ سيڙپڪارن کي ويجهو آڻڻ جو موقعو ملندو، گڏيل لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن جو فروغ نهايت ضروري آ??ي، هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان سدائين هڪ ٻئي جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي آ??ي. ??اگ??رنو، ڪاراباخ ۽ ڪشمير مسئلي تي ٻنهي جو تعاون ويجهي لاڳاپن جو ثبوت آهي.