اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دهشتگردي جو ڪنهن مذهب سان تعلق نه آهي، سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙ مواد سان انسانن کي ورهايو پي?? وڃي، اسلامو فوبي?? جي وڌندڙ واقعن جي ڏس ۾ عالمي اڳواڻ صورتحال جي سنگيني جو احساس ۽ نفرت پکيڙيندر ويب سائيٽس جي خلاف عالمي سطح تي ڪارروائي ڪن، سوشل ميڊي?? جي ذريعي نفرت پکيڙڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي، اظهار راءِ جي آزادي جي حد ايستائين آهي جيستائين ٻيو انسان ان کان مجروح نه ٿئي، ڏاڙهي ۽ حجاب ک?? لبرل ڊيموڪريسي ۾ ڪو مسئلو نه هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لنڊن انٽاريو ۾ مسلمانن کي نشانو بڻائڻ ۽ اسلامو فوبي?? جي وڌندڙ واقعن جي حوالي سان ڪينيڊين براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (سي بي سي) کي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو.