اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابرا عواڻ چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام ختم ڪرڻ لاءِ اي وي ايم جو استعمال اڻٽر ??هي?? اي وي ايم جي استعمال ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق فراهم ڪرڻ لاءِ عوامي سطح تي عوامي راءِ هموار ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت ۽ اطلاع??ت واري وزارت گڏجي قدم کڻي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هنن پارلياماني معاملن واري وزارت ۾ اي ايم وي ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاع??ت واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته 1970ع کان ٿيندڙ هر چونڊ ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهيا آهن، ان ح??الي سان اسان کي هڪ ميڪنزم تيار ڪرڻ جي ضرورت ??هي?? هن چيو ته مخالف ڌر پارٽين کي چونڊ سڌارن تي اسان سان ڳالهائڻ گهرجي، اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته اي وي ايم ٽيڪنالاجي جي حوالي سان سمورو ڪم مڪمل ٿي چڪو ??هي?? ان ٽيڪنالاجي سان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اجلاس کي ٻڌايو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون اليڪشن ڪميشن جي ڏنل شرطن تي پورو لهن ٿيون، انهن مشينن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ جو رڪارڊ سان گڏوگڏ پيپر رڪارڊ به دستياب هوندو، هن چيو ته ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ ۾ ڪو به مسئلو درپيش نه ??هي?? هن اجلاس کي ٻڌايو ته اطلاع??ت واري وزارت اي وي ايم جي استعمال ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ بابت عوامي راءِ هموار ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون ڪندي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته چونڊن ۾ شفافيت جي حوالي سان موجوده حڪومت تاريخي قدم کنيا آهن، اي وي ايم ٽيڪنالاجي چونڊن ۾ شفافيت طرف هڪ اهم قدم ??هي?? هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان کان اڳ اجلاس ۾ اي وي ايم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت عوام ۽ سياسي پارٽين ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا. اجلاس ۾ ماضي ۾ ٿيندڙ چونڊن خاص طور تي 2018ع جي عام چونڊن ۾ سياسي پارٽين پاران لڳايل اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چونڊ سڌارن لاءِ سمورين ڌرين کي دعوت ڏيڻ، سال 2000ع کان وٺي هيستائين چونڊن تي ٿيندڙ خرچن، ضمني چونڊن ۾ مخالف ڌر جي اعتراضن، اي وي ايم جي حوالي سان شفافيت کي اجاگر ڪرڻ بابت وڊيو پيڪيج تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اجلاس ۾ اطلاع??ت واري وزات ۽ پارلياماني معاملن واري وزارت پاران اي وي ايم جي شفافيت بابت شروع ڪيل ميڊيا مهم جي حوالي سان به معاملا غور هيٺ آيا. اجلاس کي اي وي ايم بابت اهم نقطن ۽ ان بابت خدشا ختم ڪرڻ، مالياتي معاملن ۽ ٽيڪنالاجي جي تفصيلي تعارف جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر پنهنجي تڪن ۾ اي وي ايم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت آگاهي ڏيڻ ۾ پنه??جو ڪردار ادا ڪن.