اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پ??ڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان آ??اد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عب??القيوم نيازي سان ملاقات دوران ڪيو. جنهن ۾ آ??اد ڪشمير جي مجموعي صورتحال ۽ آئنده لاءِ تعمير ۽ ترقي جي لائحه عمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان سردار عب??القيوم نيازي کي آ??اد ڪشمير جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. آ??اد ڪشمير جي وزيراعظم عب??القيوم نيازي مٿس اعتماد ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. آ??اد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت جي ترجيح جتي آ??اد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مسئلن جو حل آهي اتي سرحد پار پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي مسئلن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ به هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ آهي، جيڪي ڀارت جي غير قانوني ڏاڍ ۾ بي پناهه مسئلن جو شڪار ۽ سختيون ب??داشت ڪري رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پ??ڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين.