لاهور – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان فيڊرل يون??ن جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي صدر رانا عظيم ۽ پنجاب يونين آف جرنلسٽس (پي يو جي) جي صدر شهزاد حسين بٽ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ پي ايف يو جي جو سيڪريٽري اطلاعات احتشام الحق، آل پاڪستان نيوز پيپرز ايمپلائيز ڪنفيڊريشن (ايپنڪ) جو وائيس چيئرمين نعيم مصطفيٰ، پي يو جي جو سيڪريٽري اشرف مجيد، پي ايف يو جي جو اسسٽنٽ سيڪريٽري شاهد چوڌري، لاهور پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جو ميمبر فاروق جوهري ۽ رانا مظهر پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ صحاف??ن جي مسئلن ۽ پاڪست??ن ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ??ي اي) مسودي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??ن موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي ۽ پي ايم ??ي اي بابت صحاف??ن جي خدشن کي ختم ڪنداسين. هن چيو ته پي ايم ??ي اي ۾ صحافي ورڪرز جي حقن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون جڏهن ته پي ايم ??ي اي جي حوالي سان قياص آرائيون بلڪل ڪوڙ آهن، ڪنهن به ميڊيا هائوس کي بند نه پيو ڪيو وڃي. فواد چوڌري چيو ته صحاف??ن جي لاءِ رهائشي پلاٽس ۽ آسان شرطن تي قرض جاري ڪري رهيا آهيون جڏهن ته پي ايم ??ي اي کي آرڊيننس سان نه پر بل جي صورت ۾ آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پي ايم ??ي اي مسودي جي شفافيت جي لاءِ ڪميشن ٺاهينداس??ن جنهن جو سربراهه هاءِ ڪورٽ جو رٽائرڊ جج يا ان جي برابر عهدي جي شخصيت هوندي. ??ن موقعي تي ڳالهائيندي پي ايف يو جي جي سيڪريٽري جنرل رانا عظيم چيو ته پي ايم ??ي اي ۾ صحافت جي آزادي ۽ صحاف??ن جي حقن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پي ايم ??ي اي جو اصل مسودو جاري ڪري ڌرين س??ن مشاورت ڪئي وڃي. پي يو جي جي صدر شهزاد حسين بٽ چيو ته ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي ۽ پگهارن جي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي، جڏهن ته صحافين کي هر صورت ۾ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. (ايپنڪ) جي چيئرمين نعيم مصطفيٰ چيو ته پي ايم ??ي اي بابت ميڊيا ورڪرز جي بي چيني کي ختم ڪيو وڃي.