اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته طالبان سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي، ڀارت پاڪس??ان جي خلاف مسلسل پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا هڪ وڊيو گيم ۾ ويڙهه ڏيکاري اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنج شير حملن ۾ پاڪس??ان ڪارروائي ڪئي، بدقسمتي سان ڀارت جي اهڙن ڪڌن قدمن ۽ پروپئگنڊه سان عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي بي سي ورلڊ سان ڳالهائيندي ڪيو. افغانس??ان ۾ نگران سيٽ اپ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانس??ان ۾ نگران سيٽ اپ تي ردعمل ڏيڻ وقت کان اڳ ٿيندو، اسان کي ڪجهه انتظار ڪرڻ گهرجي، هن وقت ان تي ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ميڊيا جي ذريعي خبر پئي ته سي آءِ اي جو سربراهه ڪابل ۾ هو، ميڊيا جي رپورٽن مان ئي خبر پئي ته ترڪيءَ ۽ قطر جي انٽيليجنس جا سربراهه به ??ابل ۾ موجود هئا. جيڪڏهن اسان پنهنجو پرڏ??هي وزير ڪابل موڪليون ها ته اتي اتي ڪنهن سان ملاقات ڪري ها؟ اتي ڪو پرڏ??هي وزير موجود نه آهي. هن چيو ته باضابطا حڪومت جي عدم موجودگي ۾ هڪ اهڙي فريم ورڪ جي ضرورت هوندي آهي جتي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن. ڪابل ۾ باضابطا حڪومت جي عدم موجودگي ۾ انٽيليجنس ادارا اهڙو فريم ورڪ جوڙيندا آهن. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي افغانس??ان سان سنگين مسئلا درپيش رهيا آهن جن ۾ داعش جي سگهه، پناهگيرن جي مسئلن ۽ ٽي ٽي پي جي افغانس??ان مان مائيگريشن شامل آهي. هن چيو ته طالبان سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي، پاڪس??ان طالبان جي آمريڪا سان ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪئي. افغانس??ان ۾ غيرملڪي شهرين کي انخلا ۾ پاڪس??ان مدد فراهم ڪئي، اسان افغانس??ان ۾ ڦاٿل هزارين ماڻهن کي ڪڍيو، ا??غانس??ان مان غيرملڪي شهرين جي انخلا جي اسان جي ڪوششن کي پوري دنيا ساراهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2007ع ۽ 2011ع ۾ اسان جيڪو چئي رهيا هئاسين اهو صحيح ثابت ٿيو. جيڪڏهن ان وقت اسان جي ڳالهه مڃي وڃي ها ته اڄ افغانس??ان ۾ صورتحال مختلف هجي ها. افغان جنگ ۾ اسان کي 80 هزار جانين جو نقصان کڻڻو پيو، اسان جو 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته ڀارت پاڪس??ان جي خلاف مسلسل پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا هڪ وڊيو گيم ۾ ويڙهه ڏيکاري اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنج شير حملن ۾ پاڪس??ان ڪارروائي ڪئي. ڀارتي ميڊيا جي سمورن ٽاڪ شوز ۾ اها ڪهاڻي ٺاهي وئي، ا?? مان خبر پوي ٿي ته ڀارت ۾ مارڪيٽنگ ايجنسيُون ڪهڙي نموني ڪم ڪن ٿيون. هن چيو ته بدقسمتي سان ڀارت جي اهڙن ڪڌن قدمن ۽ پروپئگنڊائن سان عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو.