اسلام آباد/ دوشنبي -25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ش??ه محمود قريشي دوشنبي ۾ تاجڪ هم منصب مهر الدين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، اف??ان??تان جي بدلجندڙ صورتحال ۽ گڏيل د??چسپي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جو تسلسل، ٻه طرفن ناتن جي استحڪام جو مظهر آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جي صدر طور تاجڪستان بهترين قيادت جو مظاهر?? ڪيو. وزيراعظم عمران خان سيپٽمبر 2021ع ۾ دوشنبي ۾ منعقد ٿيندڙ ايس سي او سمٽ ۾ شرڪت جو خواهشمند آهي. ش??ه محمود قريشي تاجڪ هم منصب کي پاڪستان جي نقطئه نظر کان آگاه ڪندي چيو ته اسان اف??ان??تان ۾ اجتماعيت واري سياسي حل جا حامي آهيون. اف??ان??تان ۾ امن ۽ استحڪام جو فائدو پوري خطي کي ٿيندو. ش??ه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن خدانخواسته اف??ان??تان جي ص??رتحال ۾ بگاڙ پيدا ٿيو ته پورو خطو ان مان متاثر ٿيندو. هن چيو ته منهنجي هن دوري جو مقصد اف??ان??تان جي حوالي سان درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مشاورت سان مربوط حڪمت عملي جوڙڻ آهي. تاجڪستان جي پرڏيهي وزير علائقائي سطح تي اف??ان??تان جي ص??رتحال تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ لاءِ ش??ه محمود قريشي جي تجويزن ۽ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل د??چسپي جي معاملن تي مشاورتي سلسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.