اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خا?? جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ??هي ته محسن پاڪستان جي لاڏاڻي تي ڏک آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن انالله واناليه راجعون لکندي چيو ته آئون ڊاڪٽر عبدالقدير خا?? کي 1982ع کان ذاتي طور تي سڃاڻان ٿو. هن قوم جي تحفظ لاءِ ائٽمي هٿيار ٺاهڻ ۾ اسان جي بي مثال مدد ڪئي. صدر چيو ته بطور احسان مند قوم اسان ان حوالي سان سندس خدمتن کي وساري نه ٿا سگهون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي.