اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي، پراڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، جن جون پاڙون گڏيل عقيدي، تا??يخ ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن، ٻئي ملڪ مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي ??ان گڏ ثابت قدمي ??ان بيٺل رهيا، ٻئي ملڪ 7 ڏهاڪن کان خصوصي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، سعودي عرب جو ويزن 2030ع منصوبو پاڪستان کي سعودي عرب ??ان نئون پاڪستان منصوبي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڳالهين جا موقعا فراهم ڪري ٿو. سعودي عرب جي الرياض اخبار کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان سعودي عرب کي آءِ ٽي، انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ زراعت ۾ پنهنجي مهارت جي حصيداري ڪرڻ کانسواءِ هڪٻئي ??ان گڏ بيٺل آهن. وزيراعظم چيو ته ماضي ??ان گڏوگڏ موجود دور ۾ پڻ علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپن کي تبديل ڪرڻ جي ڪڏهن نوبت نه آئي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ثابت قدمي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اهو رشتو 7 ڏهاڪن جو آهي، ا??ان جي اها خواهش آهي ته ان تعلق کي هڪ گهري، متنوع ۽ گڏيل فائديمند تذويراتي حصيداري ۾ تبديل ڪيو وڃي، ا??ان تعاون جي نئين ۽ غيرروايتي شعبن جي ڳولا ڪري تاريخي فائدن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ا??ان چاهيون ٿا ته ا??ان جا واپاري لاڳاپا ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون ا??ان جي بهترين لاڳاپن موجب هجي. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي تازي دوري دوران کيس سعودي پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ پهرين فورم ۾ شرڪت جو موقعو مليو جنهن ۾ هن واپار جي شعبي ۾ استعمال ۾ نه ايندڙ صلاحيتن جو ادراڪ ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي نجي ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽرز کي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ شامل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته مون کي يقين آهي ته هي فورم ا??ان جي سيڙپڪاري جي تعاون ۾ نئين دور جي شروعات ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ويزن 2030ع تحت مختلف شعبن ۾ سڌارا متعارف ڪرائڻ تي سعودي قيادت کي ساراهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته سندس سعودي عرب جي تازي دوري ۾ ويزن 2030ع تحت سيڙپڪاري جي موقعن، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مختلف طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. موسمياتي تبديلي تي سربراهه اجلاس جي حوالي ??ان هن چيو ته هي اجلاس موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سعودي قيادت جي ٺوس قدمن جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو، گرين سعودي انيشيٽو ۽ گرين مڊل ايسٽ انيشيٽو نه رڳو سعودي عرب پر پوري خطي ۾ فطرت ۽ آبهوا جي تحفظ لاءِ ذڪر جوڳو قدم آهي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي ??ان جيڪو خطرو ا??ان جي زمين کي آهي، اهو حقيقي آهي ۽ هي صحيح رخ ۾ ٺوس قدم کڻڻ جو وقت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ۽ 10 ارب سونامي ٽري منصوبن تي ڪم جاري آهي جيڪي انهي طرز جا منصوبا آهن. وزيراعظم چيو ته ا??ان سمجهون ٿا ته ا??ان جون ترجيحون ۽ هدف ان سلسلي ۾ هڪ ٻئي ??ان ملن ٿا، ا??ان هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهون ٿا، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون وڌائي سگهون ٿا. مسلمان امت جي اتحاد جي لاءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ڪردار جي حوالي ??ان وزيراعظم چيو ته اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي هڪ اهم ميمبر هجڻ جي حيثيت ??ان سعودي عرب سدائين مسلمان ملڪن جي اتحاد ۽ مسلمان دنيا کي درپيش مسئلا اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، 2020ع ۾ او آءِ سي م??فق?? طور تي اسلامو فوبيا جي حوالي ??ان پاڪستان جي پيش ڪيل قرارداد کي منظور ڪيو. وزيراعظم چيو ته اولهه ۾ اسلام جي خلاف وڌندڙ خطرو عالمي سطح تي ڳڻتي جو سبب آهي، ا??ان پرامن گڏيل بقاءَ ۽ هم آهنگي تي يقين رکون ٿا ڇو ته دهشتگردي ڪڏهن به اسلام جو حقيقي چهرو نه هئي ۽ نه ڪڏهن رهندي. وزيراعظم چيو ته حرمين شريفين جو گهر هجڻ ناطي سعودي عرب جو مسلمان امت جي لاءِ قائداڻو ڪردار فطري آهي، پاڪستان ان ??ان تعاون ۾ سڀ کان اڳتي هوندو، سعودي عرب پاران مالي معاونت جي حوالي ??ان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان مالي معاونت تي سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون، اها امداد عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري پاڪستان جي ادائيگين جي توازن ۾ مدد ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جون پاڙون گڏيل عقيدي، تا??يخ ۽ گڏيل تعاون ??ان ڳنڍيل آهن، سعودي عرب سدائين مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي دل کولي مدد ڪئي آهي، سعودي عرب پاران تازي امداد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جو عزم آهي.