اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منافعي خو??ي ۽ ذخيره اندوزي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي حڪومتون فيلڊ ۾ نظر اچن، احساس راشن، ڪامياب پاڪستان، آبادگار ڪارڊ، صحت ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جون ٻيون اسڪيمون غريب طبقي کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ جاري ڪيون ويون آهن، عوام آڏو حقيقتون ۽ انگ اکر پيش ڪيا وڃن ۽ موثر آگاهي مهم هلائي وڃي، ذخيره اندوزن ۽ منافعي خوري ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ??خت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن اهڙن خيال?? جو اظهار قيمتن تي ڪنٽرول بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي کنڊ جي اسٽاڪ ۽ قيمتن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ کنڊ موجود آهي. پر سنڌ جي شگر ملز جي بندش جي فيصلي سان قيمتون وڌيون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ڪڻڪ بحران ۾ پڻ وفاق ۽ باقي صوبن جي فيصلن سان اختلاف ڪيو جنهن جي ڪري هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. وزيراعظم اجلاس ??ي خطاب ڪندي چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ شي?? جون قيمتون وڌ?? رهيون آهن ۽ جيئن ته پاڪستان درآمدي شين تي دارومدار ڪري ٿو ان لاءِ مقامي مارڪيٽ تي اثر پئج?? رهيا آهن. جڏهن ته حڪومت غريب طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻ?? رهي آهي. احساس راشن، ڪامياب پاڪستان، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جون ٻيون اسڪيمون غريب طبقي کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ جاري ڪيون ويون آهن. وزيراعظم چيو ته عوام آڏو حقيقتون ۽ انگ اکر پيش ڪيا وڃن ۽ موثر آگاهي مهم هلائي وڃي. قانون موجب ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ??خت ڪارروائي ڪئي وڃي. حڪومت سياست کان مٿانهون ٿي عوام جي خدمت تي ڌيان ڏئ?? رهي آهي ۽ مهانگائي جي اثر?? جو احساس رکي ٿي. هن چيو ته کنڊ مافيا ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف ??گر فيڪٽريز (ڪنٽرول) ترميمي ايڪٽ 2021ع، پنجاب پريوينشن آف هورڊنگ ايڪٽ 2020ع ۽ پنجاب ر جسٽريشن آف گوڊ اونز ايڪٽ 2014ع جي قانونن تي هر صورت ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، منافعي خو??ي ۽ ذخيره اندوزي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي حڪومتون فيلڊ ۾ نظر اچن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هن وقت موجود کنڊ جي سموري اسٽاڪ کي مارڪيٽ ۾ آندو وڃي ۽ 15 نومبر کان پوري ملڪ ۾ ڪمند جي ڪريشنگ شروع ڪئي وڃي. ڪريشنگ قانونن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ڪندڙن جي خلاف ??خت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، چوڌري فواد حسين، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، ڊاڪٽر فروغ نسيم، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، گهرو معاملن واري صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ايف بي آر چيئرمين شرڪت ڪئي جڏهن ته وڊيو لنڪ ذريعي چيف سيڪريٽري پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه مان سينيئر آفيسر شريڪ ٿيا.