اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر مير جان محمد جمالي جي خيريت دريافت ڪرڻ ڪوئيٽا ۾ سندس رهائشگاهه تي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب بلوچستان اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر جان محمد جمالي جي طبيعت گذريل ڪجهه ڏينهن کان ناساز آهي. سينيٽ چيئرمين جان محمد جمالي جي جل?? صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، سينيٽ چيئرمين جان محمد جمالي کي مڪمل آرام جو مشورو به ڏنو، ملاقات دوران ملڪي صورتحال ۽ خاص طور تي بلوچستان جي اقتصادي صورتحال، ترقياتي منصوبن ۽ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. جان محمد جمالي خيريت دريافت ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جو ٿورو ادا ڪيو، سينيٽ جي ??پٽي چيئرمين مرزا محمد آفر??دي به سينيٽ چيئرمين سان گڏ هو. ڊپٽي چيئرمين به جان محمد جمالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ جل?? صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.