اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بينڪنگ محتسب 6 فيصلن جي خلاف نجي بئنڪ جي اپيلن کي رد ڪندي بئنڪنگ فراڊ جي 6 متاثر ماڻهن کي 8 لک 27 زار روپين کان وڌيڪ رقم واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو ??هي، ??در بئنڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف حبيب بئنڪ جي 5 جڏهن ته ميزان بئنڪ جي هڪ اپيل رد ڪندي نجي بئنڪن کي فراڊ متاثرين جي چوري ٿيل رقم انهن جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ??ئي آهي، ڪيسن جي تفصيلن موجب شڪايت ??ندڙن محمد پرويز خان، ڪاشف لطيف، نعمت علي، ??نتظار احمد، آسيه منظور ۽ محسن شبير جا حيب بئنڪ لميٽيڊ ۾ اڪائونٽس هئا، انهن ماڻهن کي نامعلوم نمبر تان ڪال ڪئي وئي ۽ ڪال ڪندڙ ماڻهن پنهنجو پاڻ کي بئنڪ جي عملدار طور ظاهر ڪندي انهن کان ذاتي معلومات طلب ڪئي جيڪا کاتيدارن فراهم ڪئي، فراڊ ڪندڙ ماڻهن پرويز خان جي اڪائونٽ مان 3333000 ر??پي??، ڪاشف لطيف کان 140000 ر??پي??، نعمت علي کان 137489 ر??پي??، انتظار احمد کان 119848 ر??پي??، آسيه منظور کان 78780 ر??پي?? ۽ شبير جي اڪائونٽ مان 20108 ر??پي?? فراڊ جي ذريعي منتقل ڪيا، جنهن کانپوءِ کين بئنڪ مان انهن جي اڪائونٽس مان وڏي رقم نڪرڻ جا پيغام مليا، شڪايت ??ندڙن فراڊ جي ذريعي ڪڍيل رقم جي واپسي لاءِ بئنڪ سان رابطو ڪيو ??نهن هوندي به کين ڪو به رليف فراهم نه ڪيو ويو ??نهن کانپوءِ هنن ذاتي طور تي بئنڪنگ محتسب سان رابطو ڪيو ??ه جيئن سندن شڪايتن جو ازالو ٿي سگهي، ??ئنڪنگ محتسب پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ??هي ته پيمنٽ سسٽم اينڊ اليڪٽرانڪ فنڊ ٽرانسفر ايڪٽ 2007ع جي شق 30 تحت فنڊز ٽرانسفر ڪرڻ جي سهولت آءِ بي/اي ايف ٽي چئنل شهرين کي فائدي ۽ نقصان ٻڌائڻ کانساوءِ مهيا ڪئي وئي آهي، ??يتوڻيڪ اها سهولت بنا ٻڌائڻ جي فراهم ڪئي وئي آهي ان لاءِ ڪنهن به مالي نقصان کي ”صارف جي ذميداري“ قرار نٿو ڏئي سگهجي، ??ئنڪنگ محتسب پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ??هي ته جيڪڏهن بئنڪ فنڊز ٽرانسفر ڪرڻ جي سهولت آءِ بي/ايف اي ٽي کي آپريشنل نه ڪري ها ته شڪايت ??ندڙ مالي نقصان کان بچي سگهيا پيا، هن پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ??هي ته بئنڪ قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد جو ڪو به ثبوت فراهم نه ڪري سگهي، ??ن لاءِ بئنڪ شڪايت ??ندڙن کي فراڊ ٿيل رقم جي ادئيگي ڪندي، ??ئنڪنگ محتسب جي ان فيصلي جي خلاف بئنڪ صدر کي اپيل ڪئي، ??در پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ??هي ته بئنڪن کي شڪايت ??ندڙن جي دعوائن جي نفي ۽ پنهنجي موقف جي دفاع جو پورو موقعو ڏنو ويو ??نهن هوندي به بئنڪنگ محتسب جي حڪمن کي واپس وٺڻ جي حوالي سان بئنڪ ڪو سبب پيش نه ڪري سگهي، ??در پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ??هي ته بئنڪ قانون موجب پنهنجي قانوني ذميدارين کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ??هي، ??در بئنڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف بئنڪ جي سموريون اپيلون رد ڪري ڇڏيون.