اسلام آباد ??? 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري سيف الدين عبدالله ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اسلامي تع??ون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت تي ملائيشيا جا ٿورا مڃيندي اسلامي تع??ون تنظيم ۾ ان جي موثر ڪردار ۽ افغانستان ۾ انساني بنيادن تي امداد ۽ امن سازي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي تع??ون ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل مضبوط تاريخي لاڳاپا آهن، پاڪستان معاشي تع??ون ۾ اضافي، سياحت، دفاع ۽ عوامي سطح تي رابطن جي ڏس ۾ تع??ون کي مستحڪم بڻائڻ ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ??رعزم آهي. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري سيف الدين عبدالله افغانستان بابت اسلامي تع??ون تنظيم جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ کي افغانستان جي عوام کي انساني بحران کان بچائڻ جي لاءِ ??قت سر قدم قرار ڏيندي ساراهيو. هن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ??اڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. هن پاڪستان اچڻ تي پنهنجي شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورا مڃيا.