اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته ايشيا ۾ ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي پاڪستان ۾ ٿي آهي، اسٽارٽ اپس ۾ 30 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري اچي چڪي آهي، معيشت کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن پر انهن مان سرخرو ٿي رهيا آهيون، نوجوان نوان آئيڊياز تحت ڪاروبار لاءِ بئنڪن کان 10 لک روپين تا??ين قرض وٺي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير عالمي اسلامي يونيورسٽي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته نوجوان ملڪ جو قي??تي اثاثو آهن موجوده حڪومت نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت ۽ ملڪي ترقي ۾ شامل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي. فرخ حبيب ??يو ته نوجوان نون آئيڊياز تحت ڪاروبار لاءِ بئنڪن کان 10 لک روپين تا??ين قرض وٺي سگهن ٿا. ٻي سليب تحت نوجوان اڍائي ڪروڙ روپين تا??ين جو قرض به وٺي سگهن ٿا. فرخ حبيب ??يو ته آءِ ٽي جي برآمدات وڌائڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي. هن ??يو ته نون آئيڊياز تحت نوجوان گهر ويهي آءِ ٽي جي ذريعي ڪاروبار ڪري سگهن ٿا، 2018 ۾ آءِ ٽي برآمدات 80 ڪروڙ ڊالر هئي جنهن ۾ هاڻي نمايان اضافو ٿيو آهي. فرخ حبيب ??يو ته تعميرات جي شعبي کي مراعتون ڏنيون ويون ان شعبي لاءِ هڪ هزار ارب روپيا منظور ٿي چڪا آهن، مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو ته تعميراتي صنعت جي ترقي سان 120 ڳنڍيل شعبا هلندا ??هن. هن ??يو ته گهٽ لاڳت گهرن لاءِ 100 ارب روپين جا قرض منظور ٿي چڪا ??هن. ممڪلتي وزير ??يو ته ايشيا ۾ ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي پاڪستان ۾ ٿي آهي. اسٽارٽ اپس ۾ 30 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري اچي چڪي آهي، فرخ حبيب ??يو ته ملڪ ۾ خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا پيا وڃن، مملڪتي وزير ??يو ته احساس پروگرام تحت مستحق 2 لک ٻارن کي اسڪالشپس ڏنيون ويون ??هن. معيشت کي ڪيترائي چئلينج آهن پر انهن مان سرخرو ٿي رهيا آهيون.