بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي صدر ۽ چين جي وزيراعظم سان ??لا??اتون ڪندو جڏهن ته وزيراعظم اڄ صدر شي جن پنگ پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ پڻ شريڪ ٿيندو، اڄ وزيراعظم سان ڪراچي ۽ فيصل آباد ۾ پاڻي جي منصوبن جي حوال?? سان چيني سيڙپڪارن جون ??لا??اتون ٿينديون، ??راچي ۾ ڪي فور منصوبي، حب ڪينال جڏهن ته فيصل آباد ۾ واٽر ٽريٽمينٽ جي حوال?? سان ڳالهه ٻولهه مڪمل ٿي آهي. وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوال?? سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اڄ چين جي صدر پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم عمران خان جي اڄ شام جو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي صدر ۽ چين جي وزيراعظم سان ??لا??ات ٿيندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن چين جي سرمائي اولمپڪس ۾ پاڪستان جي ٽيم پهريون ڀيرو شريڪ ٿي، پاڪستاني ٽيم جي چين جي عوام پاران شاندار آجيان ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن جي عوام جي هڪ ٻئي لاءِ محبت جي اظهار تي ٻڌل آهي. چيني سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ٿنڪ ٽينڪس سان به ??لا??ات ٿي، وزيراعظم زور ڏنو ته دنيا هڪ ٻي سرد جنگ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، پاڪستان چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته وزيراعظم سڀاڻي چين جي صدر شي جن پنگ سان ون آن ون ??لا??ات ڪندو، صدر ش?? سان اڄ مانجهاندي ۾ پڻ ??لا??ات ٿيندي. ان ??لا??ات ۾ پاڪستان جي مستقبل جي لاڳاپن جي حوال?? سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اڄ وزيراعظم سا?? پاڪستان جي اقتصادي لاڳاپن جي حوال?? سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.