اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ت?? پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) جي 17 هدفن مان 60 سيڪڙو تي عملدرآمد ۾ مقامي حڪومتن جو ا??م ڪردار آهي، ا??ان جي سياسي نظام ۾ بنيادي ڍانچو مقامي حڪومتن جو آهي، هڪ مضبوط بلدياتي نظام ضروري آهي ان ??ان نه رڳو گورننس ۾ بهتري ايندي پر هيٺئين قيادت پڻ سامهون ايندي، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ڪامياب بلدياتي نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، هاڻي پنجاب ۾ نئين بلدياتي نظام طرف وڃي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس جي صلاحيت کي وڌائڻ جي تربيتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي ت?? ايس ڊي جيز نيشنل ٽاسڪ فورس جو ڪنوينر رياض فتيانه، گلگت بلتستان اسيمبلي جو اسپيڪر امجد علي زيدي ۽ هيڊ آف يورپي يونين اووائڊيو ميڪ موجود هئا جڏهن ته تربيتي ورڪشاپ ۾ گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جي ميمبرن شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي خطاب ۾ چيو ته قومي ص??ت سهولت پروگرام جي ذريعي هر شخص کي 10 لک رپين تائين علاج جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، پرائيويٽ اسپتالن ۾ به نئين شعبن ۽ بيڊز جو ا??گ وڌايو پيو وڃي، هيستائين 20 لک ماڻهن صحت انصاف ڪارڊ مان فائدو حاصل ڪيو جن جا 46 ارب رپين جا ڪليمز ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ايس ڊي جيز تحت رڪارڊ ترقياتي پروگرام ڪرايا ويا، پنجاب ۾ ترقياتي ڪمن جي لاءِ 740 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اين ايف سي ??ان گڏوگڏ صوبائي فنانس ڪميشن پڻ اهم آهي، پنجاب ۾ 369 ارب کان ڊسٽرڪٽ ڊيولپمينٽ پروگرام تي ڪم جاري آهي، حڪومت پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) جي 17 گولز تي سنجيدگي ??ان عمل ڪري رهي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪامياب جوان پروگرام کانپوءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام متعارف ڪرائي رهيا آهيون جنهن تحت 5 لک رپين تائين بنا وياج قرض فراهم ڪيو پيو وڃي، پهريون ڀيرو محروم طبقن کي ڇت جي فراهمي جي لاءِ مورگيج سسٽم آندو آهي، گهٽ آمدني گهرن جي لاءِ آ??ان قرض ڏنا پيا وڃن، هيستائين 250 ارب رپيا قرض جون درخواستون مليون آهن جن مان 130 ارب جو قرض منطور ۽ 45 ارب فراهم ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته پهريون ڀيرو اتفاق راءِ ??ان هڪ جهڙو نصاب متعارف ڪرايو ويو آهي. ان جو مقصد تعليم جي شعبي ۾ فرق کي ختم ڪرڻ آهي. پنجاب ۾ اسڪولن جي اپ گريڊيشن، نئين يونيورسٽين ۽ ڪاليجز جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. ساليانو 50 هزار اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، 10 ارب رپين ??ان اسڪلز فار آل پروگرام پڻ جاري آهي.