اسلام آباد ??? 09 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته وزيراعظم عمران خان چورن، ڦورن ۽ ملڪي خزاني کي بيدردي سان لُٽيندڙن جي خلاف جهاد جو اعلان ڪيو آ??ي، بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ٽيئي ??رپٽ ماڻهو بند گهٽيءَ ۾ ڦاسي چڪا آهن، اڄ عمران خان ٽنهي جي اصليت بيان ڪئي آهي، اڃا ته انهن جون وڌيڪ رڙي??ن ٻڌڻ ??اءِ ملنديون. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف ڪرپشن ناهي ڪئي ته پنهنجي مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ ڇو نٿو ڏي، هر ڀيري شوباز ٻڌڻي ۾ التوا وٺڻ ڇو پهچي وڃي ٿو؟ جيڪو چوري ڪندو آ??ي اهو فرد جرم کان ڀڄندو آ??ي، شهباز شريف اهو ثابت ڪري ڇڏيو آ??ي ته شهباز شريف سميت سمورن چورن جي آخري آرام گاهه جيل ئي آهي ڇو ته انهن ملڪي خزاني کي بيدردي سان لُٽيو آ??ي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگي قيادت هڪ مهيني ۾ ڪيترن غيرملڪي سفارتڪارن سان ملي ۽ ان ۾ ڇا طئي ٿيو، ٻڌايو وڃي، پهرين آءِ ايم ايف وٽ نه وياسين ته چوندا هئا ته تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي ويندي ويندي ۽ هاڻي جڏهن عوام کي ريليف ڏنو ته چون ٿا ته آءِ ايم ايف پروگرام کان ٻاهر نڪري رهيا آهيون، اهي ماڻهو منافقت جا بي تاج بادشاهه آهن، سدائين ڪوڙ ۽ دوکي جو سهارو وٺندا رهندا آهن، مملڪتي وزير چيو ته دنيا ۾ هن وقت ڏهاڪي جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ٿي آهي، آمريڪا، يورپ جهڙن ملڪن ۾ مهانگائي جو 40 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آ??ي. وزيراعظم عمران خان ڏينهن رات عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آ??ي، ماضي ۾ انهن ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪرپشن جي ڪري ملڪي خزاني کي تمام گهڻو نقصان پهتو، ماضي جي حڪومتن جي قرضن تي وياج جي ادائيگي لاءِ حڪومت کي نوان قرض وٺڻا پيا، هن چيو ته سموريون اتحادي پارٽيون اسان سان گڏ آهن، ميمبرن کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪروڙن جي ٻولي لڳائي وئي سڀئي ميمبر حوصلي سان بيٺل آهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پارٽي اڪائونٽس تي گوڙ ڪندڙ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جا 17 ڳجها اڪائونٽس سامهون آيا آهن، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجا اڪائونٽس گوشوارن ۾ ظاهر ناهن ڪيا ۽ نه ئي عطيو ڏيندڙن جو رڪارڊ پيش ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ 40 هزار ڊونرز جو رڪارڊ اليڪشن ڪميشن کي ڏنو آ??ي، ان جي مقابلي ۾ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ٻڙي تي بيٺل آهي.