اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي سفر جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، عوام خاص طور تي نوجوانن ۽ ٻارن کي نبي ڪريم ﷺ جي سيرت ۽ تعليم کان روشناس ڪرائڻ ۽ غلط ۽ صحيح ۾ فرق سيکارڻ جي ضرورت آهي، رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي ان سلسلي ۾ روڊ ميپ ڏيندي، اولهه ملڪن ۾ ڪير عوام جو پئسو چوري ڪرڻ جو سوچي به نه ٿو سگهي، هتي ڪرپشن ڪندڙن تي گل نڇاور ڪيا وڃن ٿا، معاشري کي انهن مافياز جي خلاف جهاد ڪرڻو پوندو جيڪي قانون جي حڪمراني نه ٿا چاهين ۽ اين آر او جي ??اءِ بليڪ ميل ڪن ٿا. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن قومي رحمت للعالمين اٿارٽي جي ??ڪمل فعال ٿيڻ جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ??يو ته آئون اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر انيس احمد جا ٿورا مڃان ٿو جنهن اٿارٽي جو روڊ ميپ پيش ڪيو آهي. وزيراعظم ??يو ته هو قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته ان اٿارٽي قائم ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ اسان کي جيڪو پيغام ڏنو اسان کي پنهنجي ??ارن ۽ نوجوانن کي ان پيغام کان آگاهه ڪرڻو پوندو. اسان کي ٻارن کي اهو سيکارڻ جي ضرورت آهي ته اسان نماز ۾ جڏهن انهن ماڻهن جي رستي تي هلڻ جي دعا ڪريون ٿا جيڪي انعام يافته آهن ته ان مان ڪهڙي مراد آهي. وزيراعظم ??يو ته نبي ڪريم ﷺ جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون اهي تاريخ ۾ ڪنهن ٻئي جي حصي نه آيون. الله تعاليٰ اسان کي پاڻ ﷺ جي تعليم ۽ نقش قدم تي هلڻ جو حڪم ڏنو. نبي ڪريم ﷺ جو رستو آسان نه هو پر اهو انسان جي عظمت جو رستو هو. جڏهن اسان اسڪولن ۾ هئاسين ته اسان کي اهي شيون نه پڙهايون ويون ۽ اهو نه ٻڌايو ويو ته اهي ڪهڙا اصول هئا جن تي عمل ڪري مسلمان دنيا تي ڇائنجي ??يا ۽ وقت جي طاقتن کي شڪت ڏني. ان بدران اولهه جي رستي تي هلڻ کي ترقي جو رستو سمجهيو ويندو هو. وزيراعظم ??يو ته مون پنهنجي ۽ اولهه ٻنهي ثقافتن کي اندر کان ڏٺو آهي ۽ ان جي تجزيي ۽ نبي ڪريم ﷺ جي سيرت جي ??طالعي کانپوءِ منهنجي سوچ ۾ تبديلي آئي. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست ۾ عدل ۽ انصاف قائم ڪيو ۽ هڪ فلاحي رياست قائم ڪئي ۽ انسانن جي ڪرداسازي ڪئي. اسان کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته ڪيئن عرب جا مسلمان دنيا جي امامت جي ??ابل ٿي ويا، اصل ۾ اهو انقلاب ان ڪردار جي ڪر?? آيو جيڪو نبي ڪريم ﷺ جي تعليم پيدا ڪيو. وزيراعظم ??يو ته برائي جي خلاف بيهڻ جي صلاحيت ئي ڪنهن رياست جو بنياد هوندي آهي، اولهه ملڪن ۾ ڪير سوچي به نه ٿو سگهي ته ڪنهن مقصود چپڙاسي جي ??الي تي ڪو پئسو چوري ڪري، ??هڙ?? شخص ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي ??ابل ناهي رهندو، ڪنهن جو ڪوڙ پڪڙجي ??ڃي ته اهو سزا کان بچي نه ٿو سگهي ۽ معاشرو به ??هڙ?? شخص جي عزت نه ٿو ڪري. سنگاپور ۾ حڪمران جو هڪ ويجهو شخص ڪرپشن تي پڪڙيو ويو ته ان شرم ۾ ئي خودڪشي ڪري ڇڏي، آمريڪا، جاپان، برطانيا، نيويلينڊ، آسٽريليا ۾ ڪنهن تي ڪرپشن جو ڌٻو به لڳي وڃي ته ان لاءِ زندگي مشڪل ٿي وڃي ٿي. وزيراعظم ??يو ته هتي چورن تي نيب عدالتن ٻاهران گل نڇاور ڪيا وڃن ٿا ۽ وڏا وڏا صحافي چون ٿا ته پئسو ڦري ملڪ کان ٻاهر ويٺلن کي تقريرون ڪرڻ ڏيو ۽ وڪيل چون ٿا ته انهن جي ??ااهلي ختم ڪريو. وزيراعظم ??يو ته معاشري ۾ جنسي ڏوهن ۽ ٻارن سان زيادتي جا واقعا وڌي رهيا آهن، استادن، عالم سڳورن سميت معاشري کي گڏجي ان جي خلاف مهم هلائڻي پوندي، ??هڙ?? واقعن ۾ ماڻهو بدنامي جي ڊپ کان ڪيس به داخل نه ٿا ڪرائين. وزيراعظم ??يو ته اسلام پردي جو تصور ڏنو آهي، اهو رڳو ڪپڙن کان پاڻ کي لڪائڻ جو نالو نه آهي پر اهو اسان جي خانداني نظام کي محفوظ بڻائڻ جو ذريعو آهي، اولهه معاشرن ۾ خانداني نظام تباهه ۽ طلاق جي شرح ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو آهي جنهن جو اثر ٻارن تي به پوي ٿو، اسان کي نوجوانن کي ان حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته رڳو حڪومت ??هڙ?? قسم جي ??سئلن کي منهن نه ٿي ڏئي سگهي پر پوري معاشري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ??ارن کي ماءُ پيءُ جي عزت ۽ احترام ۽ انهن جي ??قام بابت آگاهي ڏيڻي پوندي ۽ انهن کي انٽرنيٽ تي غلط مواد کان بچائڻو پوندو، رحمت للعالمين اٿارٽي ان سلسلي ۾ روڊ ميپ جوڙيو آهي. وزيراعظم ??يو ته اسان کي پنهنجي عوام کي ليڊرشپ جي اسلامي تصور کان به آگاهه ڪرڻو پوندو، نبي ڪريم ﷺ سمورن انسانن جي ??اءِ رحمت بڻج?? آيا، سٺا ليڊرز سدائين معاشري کي ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، انسانن جي ??رڇ ناهن ڪندا، نبي ڪريم ﷺ جو خطبو حجته الوداع انسانيت جي ??اءِ هڪ عظيم چارٽر آهي، پاڪستان قائم ڪرڻ جو مقصد اسلامي فلاحي رياست جو مثال بڻجڻ هو. اسان ان طرف سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي، قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ جهاد آهي ڇو ته اسان جو مقابلو مافياز سان آهي جيڪي اين آر او جي ??اءِ بليڪ ميل ڪن ٿا. معاشري کي انهن جي خلاف جهاد ڪرڻو پوندو. وزيراعظم ??يو ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هر خاندان کي 10 لک رپين جي ??يلٿ انشورنس فراهم ڪئي، احساس پروگرام جهڙو منصوبو ڪڏهن ڪنهن حڪومت شروع ناهي ڪيو، فٽ پاٿ ۽ رستن تي سمهندڙن جي ??اءِ پناهگاهون ٺاهيون. وزيراعظم رحمت للعالمين اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي يقين ڏياريو ته حڪومت جا سمورا لاڳاپيل ادارا اٿارٽي جي ڀرپور معاونت ڪندا.