اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته عورتون اسان جي ملڪي آبادي جون اڌ کان ??ڌيڪ آهن، انهن کي نظرا??دا?? ڪري ملڪ ترقي نٿو ڪ??ي سگهي، حڪومت عورتن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته عورتن کي نظرا??دا?? ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان ??ين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي اڌ آبادي کان ڪم وٺي رهيا آهيون، ان ??اءِ عورتن کي ن?? رڳو گڏ وٺي هلڻ ضروري آهي پر انهن کي اهڙو بهترين ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان اهي قومي ڌارا ۾ شامل ٿين. هن چيو ته جڏهن مون سروس شروع ڪئي ته 185 جي بيچ ۾ اسان صرف 9 عورت آفيسر هيونسين، هاڻي جيڪي بيچز اچي رهيون آهن انهن ۾ سئو کان ??ڌيڪ عورتون هونديون آهن، حڪومت چاهي ٿي ته ملڪ جي اڌ کان ??ڌيڪ آبادي کي ترقي جي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي، هن چيو ته عورت هجڻ جي ناطي آئون عورت آفيسرن جي مشڪلن کي چڱي طرح سمجهان ??ي، عورتن جي نمائندگي هر سطح تي هجڻ گهرجي، عورتون ٻنين ۽ گهرن کان ??ٺي هر ميدان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ اڪثر انهن جي صلاحيتن ۽ ڪردار جو اعتراف نه ٿو ڪيو وڃي. جيڪڏهن انهن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو وڃي ته انهن جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيندي ۽ انهن جي حوصلا افزائي ٿيندي. هن چيو ته موجوده حڪومت عورتن کي انهن جا وراثتي ۽ ٻيا حق ڏيارڻ ۽ معاشي طور تي انهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي.