اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهب??ز شريف چيو آهي ته مسيحي برادري پاڪستان ۾ تعليم، صحت ۽ دفاع سميت سمورن شعبن ۾ غي??معمولي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، مسيحي برادري سميت سمورا غي??مسلمان پاڪستاني اسان جو فخر جوڳو اثاثو ۽ قوت آهن، اسان پنهنجي غي??مسلم پاڪستانين جي ترقي، ڀلائي ۽ انهن ??ي آئيني حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو عزم رکون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ايسٽر جي تهوار جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي مبارڪباد وارو پيغام ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته مسيحي برادري کي ايسٽر جي خوشين جي مبارڪباد ڏيون ٿا ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. هن ??يو ته حضرت عيسيٰ عه سان والهاڻي محبت ۽ عقيدت مسيحن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ هڪ تمام وڏو گڏيل قدر آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته مسيحي برادري پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي تعمير پاڪستان تائين هر مرحلي تي تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ??يو ته هن تهوار تي پاڪستان جي ترقي، دنيا ۾ امن ۽ محبت جي فروغ، تڪرارن ۽ نفرتن جي خاتمي جي خصوصي دعا جي اپيل ڪريان ٿو.