اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب برطانوي هاءِ ڪمشنر وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ برطانوي حڪومت پاران سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف برطانوي وزيراع??م بورس جانسن جي مبارڪباد واري ٽو??يٽ تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ج??ڪي وڏي پئماني تي مختلف معاملن ۾ تاريخي رابطن ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. وزيراع??م بهتر واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ سطح تي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراع??م برطانيا ۾ رهندڙ اٽڪل 1.6 ملين سمنڊ پار پاڪستانين جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ادا ڪيل پل جي ڪردار کي اجاگر ڪندي قانوني لڏپلاڻ جي ش??بي ۾ تعاون کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته ان حوالي سان موجود صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهجي. وزيراعظم پاڪستان ۾ تع??لم، صحت ۽ ٻين سماجي ش??بن جي فروغ لاءِ برطانيا جي قدمن کي پڻ ساراهيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفي تعاون کي مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.