اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف صوبن پاران ڪڻڪ جي خريداري جا هدف پورا نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صوبا پهرين جون تائين ڪڻڪ جي خريداري جا هدف حاصل ڪن، ٻاهران درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ جي صوبن ۾ شفاف و??ڇ لاءِ فوري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا حڪومت جي به هر ممڪن مدد ڪندي، اجلاس ۾ وفاقي وزير طارق بشير چيمه، مريم اورنگزيب، لاڳاپيل ڊويزن ۽ کاتن جا آفيسر شريڪ ٿيا، جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چ??و ته قوم جو هڪ پئسو بچائڻ حڪومت جو فرض آهي، ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آهي، جيتوڻيڪ صوبا ذخيره اندوزي جي خلاف قدم کڻن، عوام کي ڪنهن به صورت ۾ مشڪل ۾ نٿو وجهي سگهجي، وفاقي حڪومت هر صورت ۾ گهٽ قيمت ۾ اٽو فراهم ڪندي، وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهي آهي. هن چ??و ته صوبا پهرين جون تائين ڪڻڪ خريد ڪرڻ جا هدف پورا ڪري، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا حڪومت جي به هر ممڪن مدد ڪندي. غريب عوام جي خدمت اولين فرض آهي. وزيراعظم نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته ٻاهران درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ جي صوبن ۾ شفاف و??ڇ لاءِ فوري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، وزيراعظم چ??و ته سستي ۽ بهترين معيار جي ڪڻڪ درآمد کي يقيني بڻايو وڃي. سڀني يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي جي 10 ڪلو جي قيمت 490 روپيا برقرار رکي وڃي، اوپن مارڪيٽ ۾ به باقي صوبا ان??ي قيمت کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن.