اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت گوادر ۾ پا??ي ۽ بجلي جو ڪو به منصوبو مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، اربين روپيا ۽ قيمتي وقت ضايع ڪيو، گوادر ايئرپورٽ ۽ گوادر بندرگاهه جي صورتحال سٺي نه آهي، پا??ستان جي ترقي بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي سان جڙيل آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گوادر جي دوري دوران مون ڏٺو ته ڪهڙي طرح پي ٽي آءِ حڪومت گوادر جي ماڻهن کي مايوس ڪيو، اربين روپيا ۽ قيمتي وقت ضايع ڪيو ويو، گوادر جي بندرگاهه جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏيندڙ مق??مي ماڻهن لاءِ پا??ي ۽ بجلي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪو به منصوبو مڪمل ناهي ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته گوادر جي بندرگاهه ۽ گوادر هوائي اڏي جي تعمير جي صورتحال به ٺيڪ نه آهي، بندرگاهه تي ڪا ڊريجنگ ناهي ڪئي وئي، جنهن جي ڪري ڪو وڏو ڪارگو جهاز لنگر انداز نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته گوادر يونيورسٽي ايئرپورٽ ۽ پيئڻ جي صاف پا??ي لاءِ ڊي سيلي نيشن پلانٽ لڳائڻ جي جلد پڄاڻي جو حڪم ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پا??ستان جي مجموعي ترقي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي سان ڳنڍيل آهي، اتحادي حڪومت بلوچستان جي صوبائي حڪومت ۽ مق??مي چڱن مڙسن سان گڏجي مستقبل جي لاءِ لائحه عمل جي تعين لاءِ پرعزم آهي.